اسلام آباد:(خميس 05 جون 2025ع)نيپرا سڄي ملڪ لاءِ بجلي 93 پيسا في يونٽ مهانگي ۽ ڪراچي لاءِ 2 رپيا 99 پيسا في يونٽ سستي ڪري ڇڏي.
نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بجلي اگهن ۾ واڌ اپريل جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي، جيڪا جون جي بلن ۾ لاڳو ٿيندي.
اها واڌ ڪي اليڪٽرڪ، لائف لائن صارفين، اليڪٽرڪ وهيڪل اسٽيشنز تي لاڳو نه ٿيندي.
گڏوگڏ ڪي اليڪٽرڪ لاءِ بجلي 2 رپيا 99 پيسا في يونٽ سستي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
نيپرا جي نوٽيفڪيشن موجب اها گهٽتائي مارچ جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي ۽ صارفين کي جون جي بجلي بلن ۾ رليف ملندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language