تھران:(جمعو 13 جون 2025ع)اسرائيلي حملي تي رد عمل ڏيندي، ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي چيو ته اسرائيلي حملي ۾ ڪيترائي ڪمانڊر ۽ سائنسدان شهيد ٿيا، ۽ اسرائيل کي حملي جي سخت سزا ڏني ويندي.
ايراني سپريم ليڊر ايڪس تي هڪ بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته اڄ صبح صهيونستي رياست اسان جي سرزمين تي پنهنجي بڇڙي ۽ خوني هٿن سان هڪ سنگين ڏوهه ڪيو. دشمن رهائشي علائقن کي نشانو بڻائي پنهنجي فطرت کي اڳ کان وڌيڪ بي نقاب ڪيو.
هن چيو ته اسرائيل ايران ۾ 3 فوجي هنڌن تي حملو ڪيو، ۽ انهن حملن ۾ ڪيترائي اهم ڪمانڊر ۽ سائنسدان شهيد ٿيا.
سپريم ليڊر چيو ته اسرائيل کي سزا لاءِ تيار رهڻ گهرجي، ۽ ايران جون هٿياربند فوجون هن دشمن حملي جو جواب ڏينديون.
اهو ياد رکڻ گهرجي ته اسرائيل ايران خلاف باقاعده جنگ شروع ڪئي آهي، ۽ هوائي حملي ۾ ايٽمي ۽ فوجي هدفن کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ انقلابي گارڊز جو سربراهه، ميجر جنرل حسين سلامي، ۽ ايٽمي سائنسدان شهيد ٿيا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language