
تھران:(جمعو 13 جون 2025ع)ايراني فوج اسرائيلي حملي جو سرڪاري طور تي جواب ڏيندي چيو آهي ته اسرائيل کي حملي جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.
ايراني پارليامينٽ ۾ قومي سلامتي ۽ پرڏيهي پاليسي ڪميٽي جي نمائندي ابراهيم رضائي اسرائيل کي ايران جي انتقام جي خبردار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته تل ابيب جي ڪاررواين جو سخت جواب ڏنو ويندو.
ايراني هٿياربند فوج جي سربراهه جي ترجمان موجب، اسرائيل ۽ آمريڪا کي به وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.
برگيڊيئر جنرل ابوالفضل شڪرچي چيو ته دشمن ايران تي حملو ڪري هڪ سنگين غلطي ڪئي آهي، ۽ ايران سخت جواب ڏيندو.
هن چيو ته اسرائيل اهي حملا آمريڪا جي مدد سان ڪيا، هاڻي دشمن ايران جي جواب جو انتظار ڪري رهيو آهي.
اهو ياد رکڻ گهرجي ته اسرائيل ايران تي هوائي حملا ڪيا آهن، ايٽمي ۽ فوجي هدفن کي نشانو بڻايو آهي. انهن حملن ۾ انقلابي گارڊز جو سربراهه حسين سلامي ۽ ايٽمي سائنسدان شهيد ٿيا آهن.
ايراني ميڊيا گادي واري هنڌ تهران جي اتر، اولهه ۽ مرڪزي علائقن تي حملن جي تصديق ڪئي آهي.
ايراني ميڊيا موجب تهران ۾ ڪيترن ئي رهائشي علائقن کي نشانو بڻايو ويو آهي. اسرائيلي حملي ۾ ٻارن سميت ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا آهن.
ايراني ميڊيا تصديق ڪئي آهي ته اصفهان صوبي ۾ به ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن.
ان دوران، ايران تهران جي امام خميني ايئرپورٽ تي سڀئي پروازون معطل ڪري ڇڏيون آهن ۽ ايراني قيادت جو هڪ اعليٰ سطحي سيڪيورٽي اجلاس پڻ جاري آهي. جڏهن ته ملڪ جو هوائي دفاعي نظام مڪمل الرٽ تي آهي.
اهو ياد رکڻ گهرجي ته ايران تي اهي حملا آچر تي ٿيندڙ آمريڪا-ايران اڻ سڌي ڳالهين کان 2 ڏينهن اڳ ڪيا ويا آهن، ۽ ايراني عملدارن خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن اسرائيل حملو ڪيو ته سخت جواب ڏنو ويندو.
ٻئي طرف، ايران کان جوابي بيلسٽڪ حملن جي خوف جي ڪري، اسرائيل ۾ هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. اسرائيل ۾ هنگامي حالت لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ نتنياهو حڪومت شهرين کي بم پناهگاهن جي ويجهو رهڻ جي صلاح ڏني آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language