welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

وفاقي بجيٽ رد: صبر جواب ڏئي ڇڏيو، هاڻي آر يا پار تحريڪ هلندي، هٿيار ساڻ هوندا: گنڊاپور

پشاور:(خميس 12 جون 2025ع)خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور وفاقي بجيٽ کي رد ڪندي روڊن تي نڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، گنڊاپور جو چوڻ هو ته هاڻي جيڪا تحريڪ شروع ٿيندي اها آر يا پار هوندي. احتجاج دوران هاڻي ائين نه ٿيندو ته ڪير اسان کي ماري ۽ اسين مار کائيندا رهون. جنگ ته جنگ سهي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هن ڀيري اسان هٿيار کڻي اينداسين، منهنجو مذهب ۽ آئين مون کي دفاع جي اجازت ڏني آهي. جيڪڏهن توهان اسان جي ڇاتين تي گوليون هڻندا ته اسان توهان جي چيلهه چيري ڇڏينداسين. وڏي وزير گنڊاپور وڌيڪ چيو ته هن وقت عدليه تي مني مارشل لا ۽ ملڪ ۾ مارشل لا لڳل آهي. اسان جي صبر جواب ڏئي ڇڏيو، باني پي ٽي آءِ عمران خان اسان جو ليڊر آهي ڪنهن ٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ جي ضروت ئي ناهي. آمريڪا ۾ احتجاج ڪندڙن جي حمايت ڪريون ٿا. جيڪو به باني لاءِ آواز اٿاري ٿو اسان ان سان گڏ بيٺل آهيون جتي به احتجاج ٿيو اسان ساٿ ڏينداسين. عمران ڄمي بيٺل آهي ۽ هو قوم لاءِ وڙهي رهيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے