welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ايران _ اسرائيل وچ ۾ جنگبندي، سون هزارين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي:(اڱارو 24 جون 2025ع)ايران _ اسرائيل وچ ۾ جنگبندي کانپوءِ ملڪ ۾ سون هزارين رپيا سستو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 3 هزار 800 رپيا گهٽتائي کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 3 لک 54 هزار 365 رپيا ٿي وئي. اهڙي ريت 10 گرام سون 3 هزار 258 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 38 هزار 10 رپين جو ٿي ويو. هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 39 ڊالر گهٽجڻ سان 3 هزار 327 ڊالر في اونس آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے