welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

محرم الحرام جو چنڊ ڪڏهن نظر ايندو؟ سپارڪو جو اڳڪٿي

اسلام آباد:(اڱارو 24 جون 2025ع)پاڪستان جي قومي خلائي اداري سپارڪو محرم الحرام 1447 هجري جي چنڊ بابت اڳڪٿي ڪري ڇڏي. ترجمان موجب چنڊ جي پيدائش 25 جون تي منجهند 3 لڳي 30 منٽن تي ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته 26 جون تي سج لٿي مهل چنڊ جي عمر تقريبن 28 ڪلاڪ ۽ 15 منٽ هوندي. ترجمان ٻڌايو ته ملڪ جي سامونڊي علائقن ۾ سج لهڻ ۽ چنڊ جي لهڻ وچ ۾ وقفو 75 منٽ هوندو، جيڪو چنڊ ڏسڻ لاءِ موزون ترين حالتون فراهم ڪندو. فلڪياتي عملن موجب جيڪڏهن 26 جون جي شام موسم صاف رهي ته چنڊ نظر اچڻ جا امڪان تمام گهڻا آهن، ان اڳڪٿي جي روشني ۾ پهرين محرم الحرام 1447 هجري 27 جون جمعي تي ٿيڻ جو امڪان آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے