
لاھور:(اڱارو 24 جون 2025ع)پي ٽي آءِ باني عمران خان جي خلاف 9 مئي سانحي 2023 بابت ڪيترن ئي ڪيسز ۾ وڏي اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ضمانت جي درخواستن بابت محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
رپورٽ موجب عدالت سڳوري پي ٽي آءِ باني جون ضمانتون رد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت پي ٽي آءِ باني جي ضمانتن واري درخواستن محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، جسٽس شهباز رضوي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ اهم فيصلو ٻڌايو. عدالت گذريل ڏينهن محفوظ ڪيو هيو فيصلو ٻڌائيندي عمران خان جي 9 مئي جي 8 ڪيسز ۾ ضمانت جي درخواستن کي رد ڪيو ويو.
فيصلو سامهون اچڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ باني سان تعلق رکندڙ وڪيلن ڪورٽ ۾ احتجاج ڪيو. هوڏانهن عدالت جي ڪمري ۾ غير لاڳاپيل ماڻهن کي ڪڍيو ويو هو جڏهن ته اڳوڻو وفاقي وزير فواد چوڌري به عدالت پهچي ويو هو.
پي ٽي آءِ باني جي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيترن ئي ڪيسز ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪئي وئي هئي. اهڙن ڪيسز ۾ جناح هائوس حملو ڪيس، شادمان حملو، عسڪري ٽاور ڪيس شامل آهن. انهي کان علاوه عمران خان جي خلاف زمان پارڪ، باهيون ڏيڻ، جناح هائوس جي ٻاهران سرڪاري گاڏين کي باهيون ڏيڻ مغلوپوره ۾ باهيون، راحت بيڪري ۽ شير پائو پل ڪيس شامل آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language