ڪريملن:(اربع 04 جون 2025ع)روسي صدر ولاديمير پيوٽن يوڪرين جي 30 ڏينهن جي جنگ بندي جي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
صدر پيوٽن جو چوڻ آهي ته يوڪرين هٿيار حاصل ڪرڻ لاءِ جنگ بندي جو فائدو وٺڻ چاهي ٿو. جنگ بندي جو مقصد يوڪرين کي مغربي هٿيار فراهم ڪرڻ ۽ نوان ڀرتي ڪرڻ آهي.
روسي صدر چيو ته يوڪرين دهشتگرد حملن سان ڳالهين جي عمل کي سبوتاز ڪري رهيو آهي. ريلوي پل تي حملو ڳالهين تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش هئي.
نيوز ايجنسي موجب، روس مطالبو ڪيو آهي ته يوڪرين اوڀر ۽ ڏکڻ علائقن مان پوئتي هٽي وڃي.
يوڪريني صدر زيلنسڪي اتحادي ملڪن کي روس تي دٻاءُ وڌائڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته دٻاءُ وڌائي روس کي سفارتڪاري ۾ شامل ٿيڻ تي مجبور ڪيو وڃي.
برسلز ۾ دفاع وزيرن کي هڪ وڊيو خطاب ۾، هن چيو ته اتحادي ملڪن کي هوائي دفاعي نظام جي فراهمي وڌائڻ گهرجي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language