اسلام آباد:(اڱارو 24 جون 2025ع)وفاقي دفاع واري وزير خواجه آصف ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگبندي کي خوشي جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته ايران پاڻ کان وڏي دشمن جو جارحانه انداز ۾ مقابلو ۽ شاندار طريقي سان دفاع ڪيو آهي.
رپورٽ موجب قومي اسيمبلي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي خواجه آصف چيو ته جهڙي طرح ايران ڄمي مقابلو ڪيو آهي انهي تي ايران جي عوام ۽ حڪومت کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.
خواجه آصف وڌيڪ چيو ته مسلمانن کي هلندڙ ڏينهن ۾ 2 ڀيرا فتح نصيب ٿي آهي، ڊبل فتح عالم اسلام جي ڪاميابي جو ثبوت آهن. هاڻ دعا آهي ته رب پاڪ غزه جي مسلمانن تي رحم ڪري.
واضح رهي ته ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ 12 ڏينهن تائين جاري رهندڙ رتو ڇاڻ جي خاتمي تي ڌرين وچ ۾ اتفاق ٿي ويو آهي. انهي کان اڳ پاڪستان ايران تي اسرائيلي جارحيت جي کليل مذمت ڪئي هئي. وزيراعظم شهباز شريف اسرائيلي حملن کي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ۽ ايران جي خودمختياري تي حملو قرار ڏنو هو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language