
تل ابیب:(اڱارو 24 جون 2025ع)اسرائيل چيو آهي ته ايران سان جنگ دوران 28 شهري مارجي ويا ۽ 3 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا، ايران 550 بيلسٽڪ ميزائل ۽ لڳ ڀڳ 1000 ڊرون فائر ڪيا.
ٽائمز آف اسرائيل جي رپورٽ مطابق اسرائيلي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته ايران سان جنگ دوران 28 شهري مارجي ويا ۽ ٽي هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا.
ميگن ڊيوڊ آدوم (ايم ڊي اي) ايمبولينس سروس مطابق جنگبندي تائين 28 شهري مارجي وڃڻ جي تصديق ٿي، جن مان 4 شهري اڄ صبح مارجي ويا.
ايمبولينس سروس مطابق 900 کان وڌيڪ شهرين کي زخمي حالت ۾ يا سخت ذهني دٻاءَ ۽ خوف هراس سبب طبي امداد ڏني وئي.
ٻئي طرف صحت واري وزارت ڪجهه مختلف انگ اکر جاري ڪيا، جن مطابق 12 ڏينهن جي جنگ دوران 3238 زخمي ماڻهن کي اسپتال داخل ڪيو ويو.
اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته ايران جنگ دوران لڳ ڀڳ 550 بيلسٽڪ ميزائل ۽ 1000 جي لڳ ڀڳ ڊرون فائر ڪيا، جن مان گهڻا فضا ۾ ئي تباهه ڪيا ويا.
رپورٽ موجب گهٽ ۾ گهٽ 31 بيلسٽڪ ميزائل آبادي وارن علائقن تي ڪريا، جڏهن ته فقط هڪ ڊرون هڪ گهر کي نشانو بڻايو.
ان کانسواءِ اختيارين جو چوڻ آهي ته 9000 کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا، جن جا گهر مڪمل يا جزوي طور تباهه ٿيا
0 تبصرے
Do not use vulgar language