welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پٽ راول شرجيل ميمڻ سميت ٽنڊي ڄام ڀرسان راهوڪي راول گھر ۾ ئي عيد نماز ادا ڪئي

ٽنڊوڄام:(ڇنڇر 07 جون 2025ع)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پنھنجي پٽ راول شرجيل ميمڻ سان گڏجي ٽنڊي ڄام ڀرسان راهوڪي راول هائوس ۾ عيد نماز ادا ڪئي. غزه، پاڪ فوج جي شهيدن ۽ پ پ جي شهيدن لاءِ خاص دعا گهـُري وئي، سندس چوڻ آهي ته عيد جو ڏينهن خوشي ۽ اتحاد جو ڏينهن آهي، اسانکي متحد ٿي هڪ ٻئي سان گڏ هلڻو آهي، اڄ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪوششن سان پاڪستان ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، بلاول ڀٽو زرداري هن وقت اهم مشن تي آهي جيڪو پاڪستان جو موقف سڄي دنيا ۾ پهچائي رهيو آهي، پاڪ ڀارت جنگ دوران ميڊيا جو ڪردار واکاڻ جوڳيو رهيو، ميڊيا ڀارتي ڪوڙي پروپينگڊا جو بهترين جواب ڏنو ۽ ان جو دفاع ڪيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے