
ڪراچي:(آچر 08 جون 2025ع)سموري ملڪ ۾ اڄ عيدالاضحيٰ جو ٻيون ڏينهن ملهايو پيو وڃي. انهي دوران گوشت جي ورهاست دعوتن ۽ ميل ملاقاتن جو سلسلو به جاري آهي.
سموري ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ جو ٻيون ڏينهن به مذهبي جوش، خروش، جذبي ايثار ۽ سماجي هم آهنگي سان ملهايو پيو وڃي. اڄ به لکين شهري سنت ابراهيمي جي پيروي ڪري رهيا آهن جڏهن ته گوشت جي ورهاست، دعوتون، ميل جول ۽ خوشيون ملهائڻ جو سلسلو جاري آهي.
سمورن ننڍن وڏن شهرن، ڳوٺن ۽ ڏوراهين علائقن ۾ ٻئي ڏينهن به سنت ابراهيمي جو عمل صبح سوير کان شروع ٿي ويو، جنهن کان پوءِ مستحقين، غريبن، پاڙيسرين ۽ ويجهن مائٽن ۾ گوشت جي ورهاست جو سلسلو شروع ٿي ويو.
ڪراچي، حيدرآباد، لاهور، اسلام آباد، پشاور، ڪوئٽه، ملتان ۽ فيصل آباد سميت ٻين شهرن ۾ اڄ به ساڳيا منظر ڏسڻ لاءِ مليا جيئن جوش جذبو گذريل ڏينهن هو.
عيد جي ٻئي ڏينهن جو خاص رنگ دوستن ۽ مائٽن سان ملاقاتون ۽ دعوتون به آهن. شهري اڄ گوشت سان ٺهيل مختلف کاڌن جو مزو ماڻي رهيا آهن جن ۾ ڪڙاهي، گوشت، بريائي، ڪباب ۽ قورمو خاص طور تي شامل آهن.
عورتون گهرن ۾ عيد جا خاص کاڌا تيار ڪري رهيون آهن، مختلف مائٽن کي گهرايو پيو وڃي ٻارن جو جوش خروش به برقرار آهي جيڪي جانورن جي سار سنڀال، گوشت جي ورهاست ۽ عيد جي خرچي وٺڻ ۾ مصروف آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language