ڪوھاٽ:(جمعو 06 جون 2025ع)اڳوڻو سينيٽر عباس آفريدي، جيڪو گئس ليڪيج ڌماڪي ۾ زخمي ٿيو هو، زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو آهي.
جيو نيوز موجب، عباس آفريدي ڪالهه اعظم باغ ۾ گئس ليڪيج ڌماڪي ۾ زخمي ٿيو هو، جنهن کان پوءِ کيس سي ايم ايڇ کاريان برن سينٽر منتقل ڪيو ويو، جتي اڄ هو فوت ٿي ويو.
خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته عباس آفريدي جي جنازي نماز ڪوهاٽ جي بابري بندا ۾ ادا ڪئي ويندي.
پوليس موجب، ڪالهه گئس ليڪيج ڌماڪي ۾ وڌيڪ 3 زخمين جو علاج هلندڙ آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language