
بيجنگ:(خميس 26 جون 2025ع)شنگهائي تعاون تنظيم جي دفاع واري وزارت جو اهم اجلاس چين جي راڄڌاني بيجنگ ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ پاڪستان جي سفارتڪاري جي فتح ٿي جڏهن ته ڀارت کي شڪست کي منهن ڏيڻو پيو.
رپورٽ موجب تنظيم جي دفاع وارن وزيرن جي اجلاس جي پڌرائي ۾ ڀارت پهلگام واقعي کي پاڪستان سان جوڙڻ ۾ ناڪام رهيو. انهي کان پوءِ بوکلاهٽ ۾ ڀارتي وفد شنگهائي تعاون تنظيم اجلاس جي گڏيل پڌرائي ۾ صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. رپورٽن موجب ڀارتي وفد پڌرائي ۾ پاڪستان جي مذمت لاءِ منٿون ڪندو رهيو. ميمبر ملڪن جي وفد ڀارتي موقف جي حمايت کان انڪار ڪري ڇڏيو.
هوڏانهن ڀارتي ميڊيا به ملڪ جي سفارتي شڪست کي مڃي ورتو آهي، اجلاس جي ختم ٿيڻ تي جاري ڪيل گڏيل پڌرائي ۾ ڀارتي دفاع واري وزير راج ناٿ سنگهه کي ڪاوڙ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ هن پڌرائي تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب سندن ناراضگي جو وڏو سبب اهو ٻڌايو ويو آهي ته پڌرائي ۾ پهلگام واقعي جو ڪوبه ذڪر نه هو. ايس سي او پڌرائي ۾ ڀارت تي بلوچستان ۾ سنڌو سنئون بدامني پکيڙڻ جو به اشارو موجود هو جيڪو نئين دهلي جي لاءِ خاصي پريشاني جو سبب بڻجو.
اجلاس ۾ چين، روس، پاڪستان، ازبڪستان، تاجڪستان، قازقستان، ڪرغزستان ۽ ٻين ملڪن جا دفاع وارا وزير شريڪ ٿيا. ذريعن جو چوڻ هو ته ڀارتي وفد پنهنجي ڳڻتي جو اطهار ڪيو پر ٻين ميمبر ملڪن پڌرائي ۾ ڪنهن به تبديلي کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ راج ناٿ سنگهه صحيح کان انڪار ڪندي پڌرائي کي رد ڪري ڇڏيو.
ذريعن چيو ته پهلگام معاملي تي ڀارت سفارتي طور تي بالڪل اڪيلو نظر آيو ۽ ڪنهن ميمبر ملڪ ڀارت جو ساٿ نه ڏنو. ايران جي خلاف اسرائيلي جارحيت تي سمورن ميمبر ملڪن مذمت ڪئي. جڏهن ته ڀارت جو نقطه نظر مختلف هو. شنگهائي تعاون تنظيم جي پڌرائي مان واضح ٿي ويو آهي ته ڀارت سفارتي طور تي اڪيلو ٿي ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language