welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اوٻاوڙو: هٿياربندن جي گهر تي چڙهائي، فائرنگ، گوليون لڳڻ سبب اگهور ننڊ ستل عورت قتل

اوٻاوڙو:(خميس 26 جون 2025ع)اوٻاوڙو ڀرسان رائونتي واري علائقي ۾ هٿياربندن جي گهر تي چڙهائي دوران هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ اگهور ننڊ ۾ ستل عورت قتل ٿي وئي آهي. رائونتي ٿاڻي جي ڳوٺ رنگپور ۾ هڪ گهر تي هٿياربندن چڙھائي ڪري گهري ننڊ ستل 20 ورهين جي رخسانه زال علي نوازڪوش کي هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا. اهڙي اطلاع تي رائونتي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي تعلقه اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے