welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

هندستاني وفدن جي مختلف ملڪن جي شاندار دورن تي شهرين جي سخت تنقيد

نئين دھلي:(اڱارو 03 جون 2025ع)هندستاني وفدن کي مختلف ملڪن جو دورو ڪرڻ تي پنهنجن ئي شهرين طرفان تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي. هندستاني وفد مختلف ملڪن جي دوري تي آهن، جنهن تي هندستاني شهرين سوشل ميڊيا تي انهن تي تنقيد ڪندي چيو ته پهلگام ۾ 26 ماڻهو پنهنجون زندگيون وڃائي ويٺا، ۽ چئن حملي آورن مان ڪو به گرفتار نه ٿي سگهيو. هندستاني شهرين چيو ته اهو وفد، جيڪو دهشتگردي تي هندستان جي موقف کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پرڏيهه موڪليو ويو هو، ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسن تي مزو وٺي رهيو آهي، ڳائي رهيو آهي ۽ پارٽي ڪري رهيو آهي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته والاريل ڪشمير ۾ پهلگام جي سياحتي هنڌ تي حملي ۾ 26 ماڻهو مارجي ويا هئا، جنهن جو الزام هندستان پاڪستان تي لڳايو هو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے