
شڪارپور:(اڱارو 03 جون 2025ع)رستم ويجھو شڪارپور پوليس هٿان مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ٻن ڄڻن مان هڪڙو ميٽرڪ جو ھن سال امتحان ڏيندڙ شاگرد نڪتو، ان ڏس ۾ اسٽور گنج ٿاڻي جي حد ۾ مارجي ويلن جي خانپور واسي پورهيت امجد لهر ۽ ميٽرڪ جي شاگرد مرتضيٰ گهراڻي جتوئي طور سڃاڻپ ٿي آهي. شڪارپور شهر جي اسٽور گنج ٿاڻي جي حد ۾ گذريل رات پوليس جي مبينا مقابلي مارجي ويل خانپور واسي پورهيت امجد لهر ۽ ڳوٺ فريد جتوئي واسي مرتضي گهراڻي جتوئي جا لاش وارثن کي ملڻ بعد گهر پهچايا ويا. مارجي ويل پورهيت امجد لهر جي جنازي نماز خانپور شهر جي بهار شاه جنازي گاهه ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي بعد لاش ڳوٺ ولايت شاهه پير ۾ دفنايو ويو، جڏهن ته ڏهين ڪلاس جي شاگرد مرتضيٰ جتوئي جي جنازي نماز ڳوٺ فريد جتوئي ۾ ادا ڪئي وئي. هوڏانهن اسٽور گنج ٿاڻي تي سرڪار جي فريادي اي ايس آءِ مير محمد سومرو جي فرياد تي مارجي ويل امجد لهر مرتظي جتوئي گرفتار ٿيل اصغر جتوئي ۽ ٻن نامعلوم جوابدارن خلاف پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ هو ته گذريل رات پوليس ۽ ڏوهارين جي مقابلي ۾ ٻه ڏوهاري مارجي ويا آهن هڪ گرفتار ٿيو آهي. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته مارجي ويل ٻن ڏوهارين۽ هڪ گرفتار ٿيل سميت 5 جوابدارن خلاف پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو آهي، جڏهن ته پوليس کي مارجي ويل ۽ گرفتار ٿيلن جو ڪرمنل رڪارڊ هٿ اچي نه سگهيو آهي، جڏهن ته ايس ايچ او اسٽور گنج ذوالفقار علي چنو پاڻ مرادو ٿاڻو ڇڏي پاڻمرادو رليو ٿي ويو، هوڏانهن پوليس هٿان مارجي ويلن جي وارثن رئيس قابل لهر عبدالمجيد لهر گلزار احمد جتوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل رات شڪارپور پوليس اسان جا ٻه بي گناهه نوجوان قتل ڪري ظلم ڪيو آهي. اسان جا ٽي نوجوان امجد لهر، مرتضي جتوئي، اصغر جتوئي خانپور کان شڪارپور عيد جي خريداري لاء وڃي رهيا هئا ته پوليس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ٻن نوجوانن کي بي گناهه قتل ڪيو آهي، ۽ هڪ نوجوان اصغر جتوئي کي گم ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته اسان جي نوجوانن مٿان ڪنهن به ٿاڻي تي ڪا اين سي يا ڪيس به داخل آهي ته پوليس ظاهر ڪري هنن چيو ته امجد لهر جي هڪ هفتو اڳ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويو هو.جيڪو ان جو واپاري هيو مرتضيٰ جتوئي ڏهين ڪلاس جو شاگرد سان گڏو گڏ موٽر سائيڪلن جو مستري پڻ هيو. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي شڪارپور سميت ٻين اختيارن کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language