welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪوهلي کي خبر هئي ته ماڻهو مرن پيا، پر هن تقريب کي نه روڪي: اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر مٿن ڪاوڙجي پيو

ڪرناٽڪا:(خميس 05 جون 2025ع)انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ۾ رائل چئلينجرز بنگلور (آر سي بي) جي پهرين فتح جي جشن دوران پيش آيل هڪ واقعي کان پوءِ ويرات ڪوهلي کي سخت تنقيد جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. اهو واقعو ڪرناٽڪ رياست جي شهر بينگلورو ۾ ٻن مختلف هنڌن تي پيش آيو، جتي جشن دوران ڀاڄ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 11 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. هندستاني ميڊيا موجب، ميڙ بي قابو ٿي ويو جڏهن ايم. چنا سوامي اسٽيڊيم جي ٻاهران وڏي تعداد ۾ مداح گڏ ٿيا جتي ڪرناٽڪ اسٽيٽ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن پاران ٽيم جي اعزاز ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي هئي.
ويرات ڪوهلي وڪٽري پريڊ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي فوت ٿيل سان تعزيت جو اظهار ڪيو، جنهن تي مداحن ڪاوڙ ۾ اچي ويا ۽ وڪٽري پريڊ جاري رکڻ تي سخت تنقيد ڪئي. اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر اتل وسن به ويرات ڪوهلي کي وڪٽري پريڊ جاري رکڻ تي سخت ٽرول ڪيو ۽ الزام لڳايو ته تقريب کي روڪيو نه ويو جيتوڻيڪ ڪوهلي کي سانحي بابت خبر هئي، مون کي يقين نه آيو ته ماڻهو اسٽيڊيم کان ٻاهر مري رهيا هئا ۽ اندر مبارڪون ڏنيون پئي ويون.
هن چيو ته فرنچائز انتظاميا ۽ سياستدان افسوسناڪ واقعي کان واقف هئا پر اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ڪوهلي کي خبر نه هجي. اتل وسن وڌيڪ چيو ته سياستدان بي رحم ٿي سگهن ٿا ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر به! انهن کي پرواه ناهي ڇو ته اهي بيلنس شيٽ ۽ آمدني ڏسندا آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے