بوگوٽا:(آچر 08 جون 2025ع)ڪولمبيا جي صدارتي اميدوار ميگوئل اوريبي هڪ ريلي دوران قاتلاڻي حملي ۾ سخت زخمي ٿي پيو.
هڪ پرڏيهي خبر ايجنسي جي مطابق، ساڄي ڌر جي مخالف سينيٽر ۽ ايندڙ سال جي چونڊن لاءِ صدارتي اميدوار ميگوئل اوريبي ڇنڇر ڏينهن ڪولمبيا جي راڄڌاني بوگوٽا ۾ هڪ ريلي دوران ڳالهائي رهيو هو ته کيس ٽي گوليون هنيون ويون.
ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته 39 سالن جي ميگوئل اوريبي، جيڪو قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيو هو، کي مٿي ۾ ٻه گوليون لڳيون. کيس فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ سندس حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.
ٻئي طرف، ڪولمبيا جي صدارتي اميدوار تي فائرنگ جي الزام ۾ هڪ شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ڪولمبيا جي حڪومت ان واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي، ان کي حملو قرار ڏنو آهي.
ڪولمبيا جي پرڏيهي وزير سوشل ميڊيا تي بيان ڏيندي چيو ته تشدد ڪڏهن به ٻاهر نڪرڻ جو رستو نه ٿي سگهي، مان خلوص دل سان دعا ڪريان ٿو ته ميگوئل ٺيڪ هجي.
اهو ياد رکڻ گهرجي ته هي حملو هڪ اهڙي وقت ۾ ٿيو آهي جڏهن ملڪ ۾ ايندڙ سال جي صدارتي چونڊن جون تياريون شروع ٿي چڪيون آهن ۽ سياسي ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language