welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اڄ کان ملڪ ۾ برساتن جو امڪان، پنجاب ۾ مون سون شروع ٿي ويو

ڪراچي:(اربع 25 جون 2025ع)اڄ کان ڪراچي سميت ملڪ ۾ برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي اڄ کان ملڪ ۾ مون سون جي برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي موجب اڄ کان 28 جون تائين ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان مينهن جو امڪان آهي. ان کان علاوه اڄ کان 2 جولاءِ تائين اسلام آباد، پنجاب، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ به مينهن جو امڪان آهي. ٻئي طرف پي ڊي ايم اي ترجمان چيو ته پنجاب ۾ مون سون جي برسات شروع ٿي چڪي آهي، مون سون جي برساتن جو پهريون سلسلو پهرين جولاءِ تائين جاري رهندو. ترجمان موجب پنجاب جي اڪثر ضلعن ۾ هوائن ۽ گجگوڙ سان مينهن جو امڪان آهي، راولپنڊي، مري، گليات، اٽڪ، گجرات، جهلم ۽ گوجرانوالا ۾ تيز هوائن سان مينهن جو امڪان آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته ڏکڻ پنجاب، ملتان، ڊيرا غازي خان، بهاولپور ۾ 26 جون کان 28 جون تائين مينهن پئجي سگهي ٿو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے