ڪراچي:(اربع 25 جون 2025ع)ڪراچي ۾ عيد الاضحيٰ جي موقعي تي ڍور چوري ڪندڙ ٽولي جي اڳواڻ کي گرفتار ڪيو ويو.
جيو نيوز موجب، پوليس عيد الاضحيٰ کان اڳ ڪراچي جي گڊاپ علائقي مان ڍور چوري ڪندڙ ٽولي جي اڳواڻ کي گرفتار ڪيو، جنهن جي سڃاڻپ بلاول جي نالي سان ٿي، جڏهن ته جوابدار کي سي سي ٽي وي جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو.
پوليس موجب، جوابدارن انڪشاف ڪيو ته اهي گاڏين تي پوليس لائيٽون لڳائي ۽ پوليس ٽوپيون پائي ڍور چوري ڪندا هئا.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن خلاف گڊاپ سٽي ۽ ميمن ڳوٺ ٿاڻن ۾ 5 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
ٻئي طرف، هڪ ٻي ڪارروائي ۾، گڊاپ پوليس منشيات فروش امير گل کي گرفتار ڪيو، جيڪو 15 ڪلو کان وڌيڪ هيروئن جي وصولي جي 2 ڪيسن ۾ گهربل آهي.
پوليس موجب، جوابدار امير گل اينٽي نارڪوٽڪس گلشن اقبال ٿاڻي جي 2 ڪيسن ۾ پڻ مفرور آهي ۽ جوابدار 15 ڪلو کان وڌيڪ هيروئن ڇڏي فرار ٿي ويو هو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language