welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پاڪستاني هوائي فوج سان جهڙپ ۾ ڀارتي جهاز تباهه ٿي ويو، ڀارتي دفاعي اتاشي جو اعتراف

جڪارتا:(آچر 29 جون 2025ع)انڊونيشيا ۾ هندستاني دفاعي اتاشي تسليم ڪيو آهي ته 7 مئي تي هندستان-پاڪ هوائي تڪرار ۾ پاڪستاني هوائي فوج پاران هندستاني جهازن کي ماريو ويو هو. انڊونيشيا ۾ هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي، هندستاني بحريه جي ڪئپٽن شيوڪمار تباهه ٿيل هندستاني جنگي جهازن جي تعداد ڏيڻ کان پاسو ڪيو. ڪيپٽن شيوڪمار چيو ته هندستاني جنگي جهازن کي ماريو ويو، پر ايترا نه جيترا رپورٽ ڪيا پيا وڃن، ۽ هن اهو به عذر پيش ڪيو ته هندستاني جنگي جهازن کي ماريو ويو ڇاڪاڻ ته سياسي قيادت هندستاني هوائي فوج کي هدايت ڪئي هئي ته پاڪستاني فوجي هدفن کي نشانو نه بڻايو وڃي. هندستاني دفاعي اتاشي جي بيان جي سامهون اچڻ کان پوءِ، ڪانگريس مودي حڪومت تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته مودي حڪومت قوم کي گمراهه ڪيو ۽ اهو ٻڌائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي ته آپريشن سندور ۾ ڪيترا هندستاني جنگي جهاز تباهه ٿيا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے