welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنڌ جي صحت کاتي مڇرن جي ڪري پيدا ٿيندڙ بيمارين کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڊبليو ايڇ او کان مدد گهري ورتي

ڪراچي:(سومر 30 جون 2025ع)سنڌ جي صحت کاتي پاڪستان ۾ عالمي صحت تنظيم جي نمائندي کي خط لکيو. صحت کاتي جي خط ۾ عالمي صحت تنظيم کان سنڌ ۾ مڇرن جي ڪري پيدا ٿيندڙ بيمارين کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ تعاون جي درخواست ڪئي وئي آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته برساتن ۽ موسمياتي تبديلين جي ڪري مڇرن جي ڪري پيدا ٿيندڙ بيمارين ۾ واڌ جو خطرو آهي، عالمي صحت تنظيم کي ڪيس مئنيجمينٽ، تشخيصي سهولتن ۽ گهرن اندر اسپرينگ ۾ تعاون ڪرڻ گهرجي. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته طبي عملي جي تربيت لاءِ پڻ ڊبليو ايڇ او کان ٽيڪنيڪل مدد جي درخواست ڪئي وئي آهي. اسان عالمي صحت تنظيم جي مسلسل تعاون لاءِ شڪرگذار آهيون. ڊبليو ايڇ او جي وڌيڪ مدد سان، مريضن کي فائدو ٿيندو ۽ صورتحال بهتر ٿيندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے