welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڪار کاهي ۾ ڪرڻ سبب ٻن ڀائرن سميت چار ڄڻا فوت ٿي ويا

ڊيرا اسماعيل خان:(آچر 08 جون 2025ع)ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڪار کڏ ۾ ڪرڻ سبب ٻن ڀائرن سميت چار ماڻهو فوت ٿي ويا. پوليس موجب، ڊي آءِ خان جي ڳوٺ المرڪلان کان ايندڙ ڪار کڏ ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار چار ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ ٻه زخمي ٿي پيا. ريسڪيو اختيارين موجب، فوت ٿيندڙن ۾ ٻه ڀائر ۽ هڪ ٻار شامل آهن. فوت ٿيلن ۽ زخمين جي لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے