مردان:(آچر 08 جون 2025ع)مردان جي شهري علائقي ارم ڪالوني ۾ هڪ گهر ۾ گئس ليڪ ٿيڻ جي ڌماڪي ۾ ڇهه ماڻهو مارجي ويا ۽ ٻه زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب، ارم ڪالوني ۾ رات جو هڪ گهر جي ٻئي منزل تي گئس ليڪ ٿيڻ سبب ڌماڪو ٿيو، جنهن سبب گهر جي ڇت ڪري پئي.
پوليس چيو ته هن افسوسناڪ واقعي ۾ گهر جا ڇهه ماڻهو مارجي ويا ۽ ٻه ٻار زخمي ٿيا.
7 ڪلاڪن جي جدوجهد کان پوءِ، ريسڪيو ٽيم صبح جو ملبي مان مئل ۽ زخمين کي ڪڍيو ۽ انهن کي مردان ميڊيڪل ڪمپليڪس منتقل ڪيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language