welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڄمیل گوشت کي ڪلاڪن بدران منٽن ۾ ڪيئن پگھرائجي؟ طريقو سکو

نيوز ڊيسڪ:(آچر 08 جون 2025ع)عيد الاضحيٰ جو پهريون ڏينهن گذري ويو آهي، ۽ عيد جي ٻئي ڏينهن تي قربانيون ڪيون پيون وڃن ۽ دعوتون ڏنيون پيون وڃن. اهڙي صورتحال ۾، عورتن کي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ جيڪو مسئلو درپيش ايندو آهي يا ٿيندو، انهن مان هڪ مسئلو اهو آهي ته فريزر ۾ رکيل گوشت کي جلدي ڪيئن نرم ڪجي؟ ان لاءِ، ڪجهه عورتون فريزر مان گوشت جي پيڪٽ کي ڪڍي پاڻي ۾ وجهي ڇڏينديون آهن، پر هن عمل ۾ گهڻو وقت لڳندو آهي. ان حوالي سان، اڄ اسان توهان کي هڪ سادو طريقو ٻڌائينداسين جنهن سان گوشت جلدي پگھلجي ويندو. طريقو: هڪ وڏو پيالو کڻو ۽ ان کي پاڻي سان ڀريو، ان ۾ 2 چمچ لوڻ ۽ 2 چمچ بيڪنگ سوڊا شامل ڪريو ۽ ان ۾ گوشت جي پيڪٽ کي وجھو. اهو نه رڳو گوشت کي جلدي نرم ڪندو پر ان تي رت به صاف ڪندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے