
اسلام آباد:(آچر 29 جون 2025ع)نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) اڄ کان 5 جولاءِ تائين ملڪ ۾ تيز مون سون جي برساتن ۽ ممڪن ٻوڏ جو الرٽ جاري ڪيو آهي.
اين ڊي ايم اي موجب، ڪشمير، گلگت بلتستان، اسلام آباد، پوٽوهار، ايبٽ آباد، مانسهره، هري پور، بالاڪوٽ، مري، گليات ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي، جنهن جي ڪري لينڊ سلائيڊنگ ۽ دريائن ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي.
خيبرپختونخواهه جي شهرن پشاور، چارسده، نوشهره، ڪوهاٽ، سوات، چترال، ڊي آءِ خان، بنون ۽ مردان ۾ شهري ٻوڏ ۽ ڪابل ۽ سوات دريائن ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ جو امڪان آهي.
اين ڊي ايم اي چيو ته اڄ کان 5 جولاءِ تائين پنجاب جي شهرن - راولپنڊي، اٽڪ، چکوال، جهلم، منڊي بهاءُ الدين، گجرات، سيالڪوٽ، گجرانوالا، نارووال، لاهور، فيصل آباد، سرگوڌا، شيخوپوره ۽ قصور ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي، جنهن جي ڪري هيٺاهين وارن علائقن ۾ ٻوڏ اچي سگهي ٿي.
ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو ۽ بدين ۾ 2 کان 5 جولاءِ تائين تيز برساتن جو امڪان آهي، ۽ تيز برساتن جي ڪري ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو ۽ بدين ۾ شهري ٻوڏ جو خطرو آهي.
اين ڊي ايم اي موجب، هزاره، مالاڪنڊ، آزاد ڪشمير ۽ پير پنجال جي دريائن ۽ ندين ۾ ٻوڏ ۽ جبل وارن علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو امڪان آهي.
نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جو چوڻ آهي ته تيز برساتن جي ڪري ڪمزور اڏاوتن، مٽيءَ جي ڀتين، بجلي جي پولن ۽ بل بورڊن جي ٽٽڻ جو خطرو آهي، جڏهن ته هوائن ۽ طوفان جي ڪري نظر گهٽجڻ سبب حادثن جو امڪان آهي.
اين ڊي ايم اي عوام کي اپيل ڪئي ته دريائن ۽ ندين کي پار ڪرڻ کان پاسو ڪن ۽ ڪمزور انفراسٽرڪچر، وڻن ۽ بجلي جي پولن کان پري رهن، جڏهن ته سياحن کي موسمي حالتن کان آگاهه رهڻ گهرجي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language