welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ايران جي شهر سرباز ۾ 2 پاڪستاني مارجي ويا

سرباز:(اڱارو 03 جون 2025ع)ايران جي سرحدي شهر سرباز ۾ ٻه پاڪستاني مارجي ويا آهن. خاندان موجب، فوت ٿيل پاڪستانين جو تعلق احمد پور شرقيه ۽ ڪراچي سان آهي. ٻئي پاڪستاني ايران ۾ هڪ نائي جي دڪان تي ڪم ڪندا هئا. بهاولپور سان تعلق رکندڙ مجاهد جي ڀاءُ موجب، سندس ڀاءُ ڪيترن ئي سالن کان ايران ۾ ڪم ڪري رهيو هو. گذريل رات، جوابدار مجاهد کي قتل ڪرڻ کان پوءِ هڪ وڊيو موڪلي. مقتول جي ڀاءُ فاروق موجب، جوابدار سندس ڀاءُ کي اغوا ڪيو هو ۽ تاوان جي طلب ڪئي هئي. حڪومت کان مطالبو ڪيو پيو وڃي ته سندس ڀاءُ جي لاش کي آڻڻ لاءِ انتظام ڪيا وڃن. فاروق موجب، ٻئي فوت ٿيل مزدور محمد فهيم جو تعلق ڪراچي سان آهي. ياد رهي ته بهاولپور ضلعي جا 8 مزدور 2 مهينا اڳ ايران ۾ قتل ڪيا ويا هئا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے