welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

کھڙا ڀرسان اڄڻ ڪليري تڪرار ۾ قتل ٿي ويلن کي مٽيءَ ماءٌ حوالي ڪيو ويو

کھڙا:(آچر 25 مئي 2025ع)کھڙا ويجهو اڄڻ ڪليري تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن جي عدالت حاضري تي ويندڙن جي ڪار تي فائرنگ، ٽيڪسي ڊرائيور سميت 3 ڄڻا قتل، 6 زخمي، علائقي ۾ خوف هراس، خبر موجب ڊرٻ ميهر شاهه ۾ اڄڻ ڪليري پراڻي خوني تڪرار تان تاڙ ۾ ويٺل ھٿياربندن حاضري تي عدالت ويندڙن جي ڪار تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، گوليون لڳڻ سبب سجاد ڪليري، اسلم اڄڻ ۽ ڪار ڊرائيور گدا بڙدي مارجي ويا، جڏھن ته ٻنھي برادرين جا 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ شريف اڄڻ، شعبان اڄڻ، عبدالڪريم اڄڻ، اظھار عرف ڪالو ڪليري، غلام مرتضيٰ ۽ دلدار ڪليري شامل آهن، ميڊيا ڪوريج دوران صحافي شهزادو اڄڻ پڻ فائرنگ جي زد ۾ اچي زخمي پيو، فائرنگ سبب علائقو جنگ جو ميدان جنگ بڻجي ويو ۽ سڄو علائقو ويران ٿي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته ڪليري برادري جا ماڻھو خيرپور ڪورٽ حاضري تي وڃي رھيا ھئا ته ڊرٻ ميهر شاهه ۾ واقعو پيش آيو آھي، جنهن ۾ ٽيڪسي ڊرائيور گدا بڙدي ۽ سجاد ڪليري قتل ٿي ويا، جڏهن ته جوابي فائرنگ ۾ اسلم اڄڻ مارجي ويو، اطلاع تي پوليس پهچي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي گمس اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مقتولن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، لاشن کي پنھنجي پنھنجن علائقن ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي. جهيڙيندڙ ڌرين جي ڳوٺن ۾ 10 پوليس پڪٽون قائم کهڙا: 3 ڄڻن جي قتل واري واقعي بعد وڏي انگ ۾ پوليس پهچي ڌرين ۾ فائرنگ بند ڪرائي، جڏهن ته جهيڙيندڙ ڌرين جي ڳوٺن ۾ 10 کان وڌيڪ پوليس پڪٽون پڻ قائم ڪيون ويون آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي ڪنهن به صورت بخش نه ڪيو ويندو. قتل ٿيل ٽيڪسي ڊرائيور جي وارثن جو لاش رکي ڌرڻو کھڙا: کھڙا لڳ ڳوٺ ھچاري بڙدي جي ڳوٺاڻن ڪليري اڄڻ تڪرار تان ٽيڪسي ڊرائيور گدا بڙدي جي قتل خلاف ابل واهه جي پڪي پل تي مقتول جو لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرين فدا بڙدي، ممتاز ۽ ٻين دانھيو ته اسان جي ڪنھن سان به دشمني ناهي، اسان جو ھمراھه ڪرائي تي ٽيڪسي ھلائيندو ھو، سواري کڻي ويندڙ مزدور کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، ھنن ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور ۽ ڊي ايس پي گمبٽ کان مطالبو ڪيو ته ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪيا وڃن. ايس ايس پي واقعي واري هنڌ پهچي معائنو ڪيو کهڙا: واقعي بعد ايس ايس پي خيرپور حسن سردار نيازي پوليس جي نفري ساڻ ڪري تڪراري ڌرين جي ڳوٺن ۾ پهچي ويو ۽ واقعي واري هنڌ جو جائزو ورتو، ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته واقعي جي شروعاتي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، سندس چوڻ هو ته ٻنهي ڌرين خلاف سخت آپريشن جاري آهي، جنهن جي نگراني هو پاڻ ۽ آءِ ايس پي خيرپور ڪري رهيا آهن، ايس ايس پي خبردار ڪيو ته جن ماڻهن اڳرائي ڪئي آهي، انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے