welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڀريا روڊ: زال رسڻ تي مڙس سندس ڀاڻيجي کي اغوا ڪري ورتو

ڀريا سٽي:(آچر 25 مئي 2025ع)ڀرياروڊ ۾ گهرواري جي پيڪين رسي وڃڻ تي مڙس گهر واري جي 8 سالن جي معصوم ڀاڻيجي کي مبينا اغوا ڪري فرار ٿي ويو، خبر موجب گھر واري جي پيڪين ڪاوڙجي وڃڻ تي سندس مڙس جان محمد هڪڙو گھر واري جي 8 سالن جي ڀاڻيجي کي مبينا اغوا ڪري فرار ٿي ويو، وارثن بينظير مھر، منور مھر، دوست علي مھر ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته سڱاوتي تڪرار تان جان محمد هڪڙو پٽ کي زبردستي اغوا ڪري فرار ٿي ويو آھي، ھنن چيو ته ڀيڻ شازيه جي شادي ڳوٺ شريف هڪڙو جي رهواسي جان هڪڙو سان ٿيل هئي، ڀيڻ کي سندس مڙس روز تشدد ڪندو ھو، تشدد کان تنگ ٿي رسي اچي ڀائرن وٽ رهندي هئي، ان جي پلاند ۾ ڀيڻيوي 8 سالن جي معصوم نينگر حسينن مهر کي زمين تان ماءُ جي سامهون هٿيارن جي زور تي اغوا ڪيو، پوليس ٻڌايو ته سڱاوتي تڪرار تان معاملو پيش آيو آهي، رپورٽ داخل ڪئي آهي جلد جوابدار کي گرفتار ڪري نينگرکي بازياب ڪرايو ويندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے