
جيڪب آباد:(آچر 25 مئي 2025ع)جيڪب آباد ۾ هڪ ئي رات ۾ 5 ڄڻن کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو، مقابلن جي دعويٰ، ان حوالي سان مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ پوليس هڪ ئي رات ۾ مبينا 5 پوليس مقابلن ۾ 5 ڄڻن کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو آهي، صدر پوليس ممل ڦاٽڪ روڊ تي ڳوٺ ڏاتو رند ۾ مبينا مقابلو ڄاڻائي ٺارو عرف دودو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل وٽان پسٽل برآمد ڪيو ويو، دلمراد پوليس جو مير لاڙو وٽ گشت دوران مبينا جوابدارن سان مقابلو ٿيو، جنهن ۾ هڪ ڄڻي حسن علي لغاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري پسٽل هٿ ڪيو ويو آهي، پوليس موجب ته جوابدار جا 2 ساٿي فرار ٿي ويا آهن. ٽيون مقابلو آباد ٿاڻي جي حد نورواهه لنڪ روڊ تي پير ميهر شاهه وٽ ٿيو جنهن ۾ ھڪ ڄڻي سڪندر علي لغاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو گرفتار ٿيل وٽان غيرقانوني پسٽل هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته 5 ٻيا ساٿي فرار ٿي ويا آهن ان کان اڳ باهو کوسو پوليس سرفراز لاڙو وٽ مقابلي ۾ منير سرڪي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو جوابدار وٽان پسٽل هٿ ڪيو ويو ٻيا 3 ساٿي فرار ٿي ويا آهن. ٺل جي اي سيڪشن پوليس چاچو شاهه ٻيلو وٽ مبينا مقابلي ۾ شوڪت عرف برڪو سرڪي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو گرفتار جوابدار وٽان شهري عالم سرڪي کان ڦر ٿيل موبائيل فون برآمد ڪرايو ويو ۽ غيرقانوني پسٽل به هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي. پوليس پاران مقابلن ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن خلاف حد جي ٿاڻن تي غيرقانوني هٿيار رکڻ سميت پوليس مقابلي جا ڌار ڌار ڪيس سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيا ويا آهن.
پنج لک رپيا رشوت وٺڻ باوجود پوليس زخمي ڪيو: منير سرڪي
جيڪب آباد: پوليس مقابلي ۾ زخمي ٿيل نوجوان منير سرڪي جي بيان پوليس جي مقابلن کي شڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ٺل اسپتال ۾ زخمي ٿيل نوجوان منير سرڪي جو چوڻ آهي ته پوليس ڪجهه ڏينهن اڳ پڪڙي مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ رکيو، پوليس آزاد ڪرڻ لاءِ وارثن کان 5 لک رشوت ورتي پر ان باوجود به ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي هن چيو ته پوليس مقابلن جو اڻڌري جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي
اوٻاوڙو ڀرسان مبينا مقابلو: هڪ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار
اوٻاوڙو(ن پ ا) اوٻاوڙو ڀرسان کنڀڙا پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب چوڪ ماڙي روڊ ڀارا اسٽاپ وٽ ڏوهه جي ارادي سان بيٺل هٿياربندن سان مقابلو ٿيو، جنهن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوابدار خانپور واسي عاشق حسين عرف عاشو پتافي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندس ٽي ساٿي اونداهي جو فائدو وٺندي فرار ٿي ويا، پوليس موجب گرفتار جوابدار وٽان پسٽل هٿ ڪيو ويو آهي،
جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.ڌار ڌار مقابلا: پوليس محفوظ: ڪنهن اهلڪار کي رهڙ به نه آئي
جيڪب آباد: جيڪب آباد جي مختلف ٿاڻن جي پوليس مقابلن ۾ پوليس اهلڪار محفوظ رهيا، گولي سڄي ڄنگهه کان گسي جسم جي ٻئي هنڌ تي نه لڳي آهي، جڏهن ته جوابدارن جي مقابلي ۾ هڪ به اهلڪار کي رهڙو به ناهي آيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language