اسلام آباد:(آچر 25 مئي 2025ع)پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻ سينيٽر علي ظفر جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي باني عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ ڳالهائڻ چاهي ٿي ته ان کي سڌو سنئون ساڻس ڳالهائڻ گهرجي.
هڪ بيان ۾ سينيٽر علي ظفر چيو ته پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان پارٽي کي ڪنهن سان به ڳالهين کان منع ڪيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي باني چيو آهي ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ ڳالهائڻ چاهي ٿي ته ان کي سڌو سنئون ساڻس ڳالهائڻ گهرجي، يعني پي ٽي آءِ جي باني سان.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن رپورٽون سامهون آيون هيون ته عمران خان پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان ۽ ڪي پي حڪومت جي صلاحڪار بئريسٽر سيف کي حڪومت سان ڳالهيون شروع ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language