ڪراچي:(آچر 25 مئي 2025ع)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته هٿياربند فوجون پاڪستان جو فخر آهن ۽ اسان فورسز جي ڪري امن ۽ سڪون جي زندگي گذاري رهيا آهيون.
آرٽس ڪائونسل ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان هميشه ڀارت ۾ دهشتگردي جي مذمت ڪندو آهي، پر ڀارت ڪڏهن به پاڪستان ۾ دهشتگردي جي مذمت ناهي ڪئي.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج جي شان اها آهي ته اسان پنهنجي فوجن جي ڪري امن ۽ سڪون جي زندگي گذاري رهيا آهيون.
هن وڌيڪ چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ بيگناهه شهري کي نشانو بڻايو، پر پاڪستان انهن هنڌن کي نشانو بڻايو جتان حملو ڪيو ويو هو. پاڪستان هندستان جي رافيل جهاز کي ڪيرائي ان جو غرور ٽوڙي ڇڏيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language