اسلام آباد:(آچر 25 مئي 2025ع)اڄ اسلام آباد، مٿانهين خيبرپختونخواهه، ڪشمير، پوٺوهار خطو، پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ گجگوڙ ۽ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، ڪجهه هنڌن تي تيز برسات يا ڳڙو پئجي سگهي ٿو.
گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي پد جيڪب آباد ۾ 50 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
ان کان علاوه سبي 49، دادو، موهن جو دڙو، روهڙي، لاڙڪاڻو، نوابشاهه 47، سکر 46، حيدرآباد 45، ملتان 44، لاهور، فيصل آباد 41، ڪوئيٽا، پشاور 38، ڪراچي 37، گلگت 36، اسلام آباد 35 ۽ مظفرآباد 3 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language