welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

آمريڪا سعودي عرب جي اسرائيل سان لاڳاپن بابت شرط واپس وٺي ڇڏي

واشنگٽن:(جمعو 09 مئي 2025ع)آمريڪا سعودي عرب سان سول نيوڪليئر معاهدي جي بدلي ۾ اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي پنهنجي شرط کي واپس وٺي ڇڏيو آهي. نيوز ايجنسي جي رپورٽ موجب، هي قدم اهڙي وقت ۾ کنيو ويو آهي جڏهن آمريڪي صدر ٽرمپ 13 مئي تي سعودي عرب جو دورو ڪندو، جتي 100 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي امڪاني دفاعي معاهدن ۽ ٻين معاشي معاملن تي بحث ڪيو ويندو. رپورٽن موجب، هن تبديلي کي آمريڪا طرفان هڪ وڏي سفارتي لچڪ جي طور تي ڏٺو پيو وڃي ۽ ان کي اسرائيلي سفارتڪاري لاءِ هڪ وڏو ڌڪ قرار ڏنو پيو وڃي. بائيڊن جي دور ۾ آمريڪا سعودي عرب سان اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو شرط رکيو هو، پر غزه ۾ جاري اسرائيلي حملن ۽ عرب عوام جي سخت رد عمل جي ڪري، سعودي عرب اسرائيل سان لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ دلچسپي نٿو رکي. اهو ئي سبب آهي جو واشنگٽن پنهنجي شرط واپس وٺي ڇڏي آهي ته جيئن ايٽمي ڳالهين جو عمل اڳتي وڌي سگهي. ياد رهي ته عالمي عدالت انصاف جو چوڻ آهي ته اسرائيل دنيا جي سامهون غزه ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. اسرائيل غزه جي پٽي ۾ امداد جي داخلا تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي آهي، جنهن صورتحال کي تمام گهڻو خراب ڪري ڇڏيو آهي. عدالت چيو ته اسرائيل ڪنهن به قسم جي امداد کي غزه ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نٿو ڏئي. اسرائيل دنيا جي اکين اڳيان غزه ۾ ڏوهه، ظلم ۽ نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. آمريڪا جو پاڪ-ڀارت تڪرار ۾ مداخلت نه ڪرڻ جو فيصلو انساني حقن جي عالمي تنظيم، ايمنسٽي انٽرنيشنل جو چوڻ آهي ته اسرائيل غزه ۾ نسل ڪشي جي لائيو اسٽريمنگ ڪري رهيو آهي جڏهن ته فلسطينين کي ختم ڪرڻ جي مخصوص ارادي سان غير قانوني ڪارروائي ڪري رهيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے