welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ورڪشاپ جي ڄنگهه ڪٽيل ڏاچي کي پرڏيهه مان گهرايل مصنوعي ڄنگهه لڳائي وئي، مالڪن ۾ سرهائي

ورڪشاپ:(خميس 29 مئي 2025ع)ورڪشاپ ڀرسان هڪ سال اڳ فصل جي ڀيل تان بااثر جي چرچ تي ڪهاڙيون هڻي ڏاچي جي ڄنگھه ڪٽڻ وارو مامرو، ڪراچي شليٽر هوم ۾ زخمي ڏاچي کي پرڏيهه مان عطيو ڪيل ڄنگهه لڳائي وئي، ڏاچي مڪمل طور صحتياب، علائقي ۾ خوشي جي لهر، مالڪ پاران سرڪار کي ڏاچي واپس ڪرڻ جو مطالبو، خبر موجب زخمي ڏاچي جو ڦٽ ڇٽڻ بعد ٻاهرين ملڪ جي اداري پاران مصنوعي ٽنگ عطيو ڪرڻ بعد ڪراچي جي شيلٽر هوم ۾ زخمي ڏاچي کي وٽرنري ڊاڪٽرن پاران مصنوعي ڄنگھه لڳائي وئي، اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد مالڪن ۽ علائقي واسين ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي، سوشل ميڊيا صارفين سرڪار کان گهر ڪئي ته ڌاچي کي واپس ساڳي علائقي ۾ ڇڏيو وڃي جيئن ان مٿان ظلم ڪندڙ عبرت حاصل ڪري سگهن، واضح رهي ته هڪ سال اڳ ڳوٺ ننڍو خان شر ۾ فصل جي ڀيل تان بااثر وڏيري جي بڇ تي ڀاڳئي سومر بهڻ جي ڏاچي جي ڪهاڙيون هڻي ڄنگهه ڪپي وئي هئي، ڀاڳيو اٺڙي جي وڍيل ڄنگ کڻي پريس ڪلب ورڪشاپ پهتو هو، مامرو سوشل ميڊيا تي طوفان برپا ڪري ڇڏيو هو، ملڪي ميڊيا توڙي انٽرنشل ميڊيا جي زينت بڻجڻ بعد سرڪاري مدعيت ۾ با اثر وڏيري کي بچائيندي منگلي پوليس 6 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪري جيل موڪليو هو، جيڪي بعد ۾ زمانت تي آزاد ڪيا ويا، جيڪو ڪيس اڃا تائين سانگهڙ جي عدالت ۾ هلندڙ آهي. گورنر ڪامران ٽيسوري جو 2 اٺ ڏيڻ وارو واعدو پورو نه ٿيو ورڪشاپ: گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري جو ڪيل واعدو وفا نه ٿي سگهيو آهي، سنڌ جي گورنر اعلان ڪيو هو ته اٺ جي مالڪ سومر بهڻ کي هو بدلي ۾ 2 اٺ وٺي ڏيندو، جڏهن ته هڪ سال گذرڻ باوجود گورنر جو ڪيل واعدو صرف واعدو ئي رهيو ۽ مالڪ کي 2 اٺ ناهن ملي سگهيا. اٺ جو زخم به ٺيڪ ٿي ويو هاڻ واپس ڪيو وڃي: سومر بهڻ ورڪشاپ: اٺ جي مالڪ سومر بهڻ پنهجي اخبار کي ٻڌايو ته هڪ سال گذرڻ باوجود سندس ڪا به مدد ناهي ڪئي وئي ۽ نه ئي ڪا سار لڌي وئي آهي، هن ٻڌايو ته ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ کيس لکت ۾ ڏنو هو ته ته کيس اٺ واپس ڪيو ويندو، هاڻ هڪ سال ٿي ويو آهي، اٺ جو زخم به ٺيڪ ٿي ويو آهي، کيس اٺ واپس ڪيو وڃي، سندس گذر سفر چوپائي مال تي آهي، هن چيو ته هو پنهنجي اٺ کي ڏسڻ لاءِ اداس آهي، هن اٺ کي ٻچن جيان پالي نپائي وڏو ڪيو هو، هن مطالبو ڪيو ته کيس اٺ واپس ڪيو وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے