
مورو:(خميس 29 مئي 2025ع)مورو ويجھو ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف احتجاج دوران شهيد ڪيل عرفان لغاري جو مڙهه آلين اکين سامن مٽي ماءُ حوالي، جنازي نماز ۾ هزارين ماڻهن جي شرڪت، مولانا اياز قمي جنازي نماز پڙهائي، شهيد جي معصوم نياڻي جي آمد تي هر اک آلي، ماڻهو اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳا، خبر موجب ڳوٺ بجراڻي لغاري ۾ سنڌو درياءَ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ پر امن جدوجھد ڪرڻ تي شھيد ڪيل عرفان لغاري جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ سنڌ جي مختلف علائقن کان آيل قومپرست تنظيمن، سياسي سماجي مذھبي اڳواڻن، وڪيلن، صحافين، شيعا تنظيمن سميت علائقي جي مختلف برادرين سان تعلق رکندڙن هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، جنازي نماز مشھور شيعا عالم مولانا اياز قمي پڙھائي، جنازي نماز ۾ عرفان لغاري جا وارث توڙ ي شريڪ ماڻھو اوڇنگارون ڏئي روئيندا رھيا، جڏھن ته جنازي نماز ۾ عرفان لغاري جي معصوم نياڻي کي آندو ويو ۽ تعزيت وصول ڪرائي وئي، جنھن دوران ماحول سوڳوار ٿي ويو ۽ يا حسين يا حسين جون صدائون بلند ٿينديون رهيون، جنازي نماز ۾ گلزار سومرو، نثار ڪيريو، شيبا لغاري، گلزار عالماڻي، سورھيه سنڌي، ثمر حيدر جتوئي، گلشير شر، ھاشم کوسو، خادم چانڊيو، منظور خاصخيلي، اسلم ڪوريجو، ڊاڪٽر برڪت لغاري، يونس راھو، يوسف حيدري چانڊيو، نور محمد تنيو، خليل الرحمان، ايڊووڪيٽ نور راڄپر ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جنازي نماز بعد عرفان لغاري جو مڙھ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. عرفان لغاري جي ٻن سالن جي معصوم نياڻي قسمت کي جنازي نماز دوران آڻي ھزارين ماڻھن جي تعزيت وصول ڪرائي وئي، جنھن دوران ھر طرف ياحسين ياحسين جون صدائون بلند ٿينديون رھيون ۽ ماڻهو اوڇنگارون ڏئي روئيندا رهيا.
جنهن کي حڪومت لاوارث قرار ڏنو ان جا هزارين وارث آيا: سياسي اڳواڻ
مورو: عرفان لغاري جي جنازي نماز تي پھتل اڳواڻن نثار ڪيريو، شيبا لغاري، گلزار عالماڻي، سورھيه سنڌي، ثمر حيدر جتوئي، گلشير شر، ھاشم کوسو، خادم چانڊيو، منظور خاصخيلي، اسلم ڪوريجو، ڊاڪٽر برڪت لغاري ۽ ٻين وچن ورجائيندي چيو ته ھن جنازي جو انتقام ھي آھي ته ھن سنڌو درياءَ جون ڇوليون بحال ڪرائينداسين، دشمن ائين نه سمجھي ته عرفان لغاري کي دفنائڻ کانپوءِ شھيدن کي ياد نه ڪنداسين، اسان سنڌو درياءَ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ تحت زمينن جي والار ھرگز قبول نه ڪنداسين نه ان تان ھٿ کڻنداسين، عرفان لغاري ء زاھد لغاري جي قرباني رائيگان نه ويندي، هنن چيو ته دنيا ڏسي ته عرفان لغاري وارثن وارو ھو، جنھن کي سنڌ حڪومت لاوارث ڪري دفنايو ھو، سيشن جج کي سلام پيش ڪجي ٿو جنھن حڪومتي حڪم ٺڪرائي لاش وارثن کي ڏنو، جيڪا عدالت وسيلي سنڌ ۽ وارثن جي فتح آھي، ھنن چيو ته اردو ميڊيا تي وڊيو ھلائي ظاھر ڪيو پيو وڃي ته عرفان لغاري ۽ زاھد لغاري وٽ جديد ھٿيار ھئا سنڌ حڪومت کان سوال آھي ته جديد ھٿيارن جي ھوندي شھيد اسان جا نوجوان ٿيا توھان جو ھڪڙو به شھيد ناھي، ھڪڙي به گولي ناھي لڳي، پوليس اھڙا مقابلا ڪري ماري وري ڏوھاري به ان کي ظاھر ڪندي آھي، ھي دور ڪا حقيقت لڪائڻ وارو ناھي.
سياسي سماجي اڳواڻ تڏي تي پهتا، وارثن سان عذرخواهي
مورو: مورو ۾ پاڻيءَ جي شهيد عرفان لغاري ۽ شھيد زاهد لغاري جي تڏي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري جڳديش آهوجا، ڊپٽي سيڪريٽري اصغر قريشي، فتح خاصخيلي، ڄام اسلم ڪوريجو، جلال خان ٽانوري، معراج سنڌي، محسن ملاح، ياسين سومرو، ڊاڪٽر مظهر مغل، ليڊيز فرنٽ اڳواڻ شيبا مغل پھچي تعزيت ڪئي ۽ عرفان لغاري جي مزار تي اجرڪ چاڙھي ڀيٽا پيش ڪئي.
عرفان جي مڙهه کي وصيعت موجب علم پاڪ جي ڇانو ۾ کنيو ويو
مورو: عرفان لغاري جي جنازي نماز کان اڳ سندس وصيعت موجب علم پاڪ جي ڇانو ۾ مڙھ کنيو ويو ۽ مرڪزي امام بارگاھ مان علم پاڪ جا ٻه ڦيرا ڏياريا ويا، وارثن جو چوڻ ھو ته محرم دوران ماتمي جلوسن جو عرفان لغاري سالار ھوندو ھو، سنڌ حڪومت عزادار کي شهيد ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي.
عرفان لغاري سنڌو درياءَ ۽ زمين سان عشق ڪندو ھو: وارث
مورو: عرفان لغاري سندس خاندان جو واسطو اھل شيعت سان ھو، وارثن جو چوڻ آهي ته ھو پورھيت ھاري ھو جنھن ۾ پورھئي سان سنڌوءَ درياءَ ۽ سرزمين سان عشق ھو، جيڪو سڏ تي عاشق بڻجي نڪري پوندو ھو ۽ سندس شھادت ملي.
سنڌي ادبي سنگت پاران پهرين جون تي احتجاجي مظاهرن جو اعلان
ٽنڊوآدم (ن پ ا) سنڌي ادبي سنگت پاران مورو واقعي، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ غير قانوني ڪئنالن جي اڏاوت خلاف پهرين جون تي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان، مورو واقعي جي عدالتي جاچ جي گهر، رپورٽ موجب سنڌي ادبي سنگت پاران مورو واقعي،ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ غير قانوني ڪئنالن جي اڏاوت خلاف پهرين جون تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، اهڙو اعلان سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل نور چاڪراڻي، احساس ميرل ۽ گل حسن لاکو پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، هنن چيو ته سنڌي ادبي سنگت هڪ علمي، ادبي، تاريخي، تهذيبي، ثقافتي ۽ سماجي تحريڪ آھي جيڪا گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان سنڌي ٻولي، ادب، تاريخ، تهذيب ۽ بنيادي انساني حقن جي واڌاري ۽ تحفظ لاء سرگرم آھي، هنن چيو ته سنڌ جي حقن تي لڳندڙ ڌاڙن خلاف سنڌي ادبي سنگت هميشه پرامن جدوجهد ڪرڻ سميت اهڙين جدوجهدن جي حمايت ڪئي آھي ۽ پُرتَشَدُد تحريڪ کان پاڻ کي هميشه الڳ رکيو آھي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language