
راولپنڊي:(سومر 19 مئي 2025ع)پاڪ فوج جي ترجمان ۽ انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جو چوڻ آهي ته نه ته هندستان اسرائيل آهي ۽ نه ئي پاڪستان فلسطين آهي. جيڪڏهن ڀارت اسان کي اشتعال ڏياريندو يا حملو ڪندو ته اسان جو جواب تيز ۽ وحشي هوندو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ترڪ نيوز ايجنسي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته پاڪستان هن وقت دنيا ۾ دهشتگردي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ آهي. جنوري 2024 کان وٺي 3,700 کان وڌيڪ دهشتگردي جا واقعا ٿيا آهن. هندستان هن سڄي دهشتگردي جي سرپرستي ۽ حوصلا افزائي ڪري رهيو آهي. 17 مهينن ۾ دهشتگرد واقعن ۾ 3,896 ماڻهو شهيد ٿيا. 3,896 شهيدن مان 2,582 عام شهري ۽ سيڪيورٽي اهلڪار هئا.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته والاريل ڪشمير يا ڀارت ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو هندستان جو اندروني مسئلو آهي، ڪشمير هڪ بين الاقوامي طور تي تسليم ٿيل تڪرار آهي.
هن چيو ته اسان هڪ امن پسند قوم آهيون، پر جيڪڏهن ڀارت اسان کي اشتعال ڏياريو يا حملو ڪيو ته اسان جو جواب تيز ۽ وحشي هوندو. حقيقت اها آهي ته هندستان آمريڪا ناهي ۽ پاڪستان افغانستان ناهي، هندستان اسرائيل ناهي ۽ پاڪستان فلسطين ناهي. پاڪستان هندستان جي تسلط اڳيان نه جهڪندو.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته ڀارت جيترو جلدي اهو سمجهي ويندو، اوترو ئي علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ بهتر هوندو. ڀارت پهلگام واقعي ۾ ڪو به ثبوت فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. هندستاني حڪومت انهن واقعن کي دهشتگردي جي بهاني طور استعمال ڪري رهي آهي.
هن چيو ته جعفر ايڪسپريس تي حملو ڪندڙ بي ايل اي کليل طور تي هندستان کان مدد جي درخواست ڪئي هئي. نئين دهلي ۾ ڪجهه اڳواڻن، سياستدانن ۽ رٽائرڊ جنرلن بي ايل اي جي حمايت ۾ بيان ڏنا.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته تازي ڇڪتاڻ ۾ 5 هندستاني جنگي جهاز ڪيرايا ويا، جن مان 3 رافيل هئا. دنيا ڄاڻي ٿي ته پاڪستان هندستاني جهاز ڪيرايا، پر نئين دهلي ان کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language