پنوعاقل:(آچر 18 مئي 2025ع)پني عاقل جي ڪچي واري علائقي ۾ مھر جتوئي تڪرار وري ڪر کنيو، مال جي ڦر تان ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو .تفصيل موجب اڄ پنوعاقل جي ڪچي ۾ مھر جتوئي تڪرار ٻيھر تيز ٿي ويو ڌرين جي آمھون سامھون سڌي فائرنگ ٿي جيڪا گھڻو وقت جاري رھي پر خوش قس،تيءَ سان نقصان گھڻو نه ٿيو،
جتوئي هٿياربندن پاران تورپيائي مهرن جو مال کڻڻ جي ڪوشش گولیون لڳڻ سبب ڌنار غلام محمد مھر تورپيائي سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو،
مهرن جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو جتوئي ڌر جو زخمي ٿيڻ جا اطلاع آھن
مھر ڌر جو موقف ھيو ته اسان جي نوجوان کان جتوئي برادري جي ھٿياربندن مينهون ڦر جي ڪوشش ڪئي ڌنار کي گوليون هڻي زخمي ڪيو آھي، ڌنار جي جوابي فائرنگ ۾ جتوئي ڌر جو به هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language