
برسلز:(اربع 21 مئي 2025ع)يورپي يونين غزه ۾ اسرائيلي فوج جي جاري جارحيت تي اسرائيل سان پنهنجن لاڳاپن جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اڱاري ڏينهن بيلجيم جي راڄڌاني برسلز ۾ هڪ يورپي سفارتي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ يورپي يونين اسرائيل سان پنهنجن لاڳاپن جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو.
اسرائيل ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ واپار هر سال 45 ارب يورو کان وڌيڪ آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڊچ پرڏيهي وزير اسرائيل سان واپاري ۽ سفارتي معاهدن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ قرارداد پيش ڪئي.
17 يورپي پرڏيهي وزير غزه ۾ اسرائيلي ڪارروائي جي جائزي جي حمايت ڪن ٿا.
نيدرلينڊ جو چوڻ آهي ته غزه ۾ انساني امداد جي بندش بين الاقوامي انساني قانون جي خلاف ورزي آهي، جڏهن ته يورپي يونين جي عهديدار ڪاجا ڪلاس چيو ته اسرائيل کي فوري طور تي غزه لاءِ امدادي سامان جاري ڪرڻ گهرجي.
يورپي ميڊيا موجب، 26 يورپي ملڪن ويسٽ بئنڪ ۾ پرتشدد آبادگارن تي پابندين جي حمايت ڪئي، صرف هنگري قرارداد کي ويٽو ڪيو.
سوئيڊن جي پرڏيهي وزير موجب، اسرائيلي وزيرن خلاف يورپي پابنديون پڻ تجويز ڪيون وينديون.
ياد رهي ته برطانيه اسرائيل سان واپاري ڳالهيون معطل ڪري ڇڏيون آهن.
برطانوي پرڏيهي سيڪريٽري ڊيوڊ ليمي غزه جي بندش کي "اخلاقي طور تي غلط" ۽ "غير معقول" قرار ڏنو ۽ پارليامينٽ کي ٻڌايو ته اسرائيلي حڪومت جا "قابل مذمت ڪارروايون ۽ بيان بازي" ملڪ کي ان جي دوستن ۽ ڀائيوارن کان الڳ ڪري رهيا آهن.
ٻئي طرف، اسرائيلي فوج 2 مارچ کان غزه جي ناڪي بندي ڪري ڇڏي آهي، ۽ گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن امداد نه پهتي ته ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ 14,000 فلسطيني ٻار فوت ٿي سگهن ٿا.
گڏيل قومن جي عملدارن موجب، گذريل ڏينهن پنج امدادي ٽرڪون غزه پهتيون، پر اسرائيلي فوج امداد ورهائڻ جي اجازت نه ڏني. ان دوران، غزه تي اسرائيل جا وحشي حملا جاري آهن، ۽ اڄ صبح کان وٺي 73 وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language