welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پختونخواهه: گهر جي سربراهه جي وفات تي مالي مدد فراهم ڪئي ويندي، لائف انشورنس اسڪيم منظور

پشاور:(اربع 21 مئي 2025ع)خيبرپختونخواهه حڪومت شهرين لاءِ لائف انشورنس اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. خيبرپختونخواه جي اطلاعات صلاحڪار بئريسٽر سيف موجب، صوبائي حڪومت لائف انشورنس اسڪيم متعارف ڪرائڻ جي منظوري ڏني آهي، جنهن تي ساليانو 4.5 ارب رپيا خرچ ٿيندا. اطلاعات صلاحڪار چيو ته گهر جي سربراهه جي وفات تي خاندان جي ميمبرن کي فوري طور تي مالي مدد فراهم ڪئي ويندي. بئريسٽر سيف چيو ته 60 سالن کان گهٽ عمر وارن گهر جي سربراهه جي خاندان کي 10 لک رپيا ڏنا ويندا ۽ 60 سالن کان وڌيڪ عمر ۾ فوت ٿيندڙن جي خاندان کي 50 لک رپيا ڏنا ويندا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے