رياض:(اڱارو 13 مئي 2025ع)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي عرب پهتو جتي سندس استقبال شهزادي محمد بن سلمان ڪيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي ايئر فورس ون ذريعي سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض جي ڪنگ خالد ايئرپورٽ تي پهتو، جتي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سندس استقبال ڪيو.
رپورٽ موجب، ٽرمپ سان گڏ آمريڪي پرڏيهي وزير، دفاع وزير ۽ اعليٰ فوجي عملدار به سعودي عرب پهچي ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته ٽرمپ قطر ۽ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) روانگي کان اڳ اڄ ۽ سڀاڻي جو ڪجهه حصو سعودي عرب ۾ گذاريندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language