welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين جنيد اڪبر پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد:(اڱارو 13 مئي 2025ع)پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين جنيد اڪبر پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. جنيد اڪبر چيو ته مون پنهنجو استعيفيٰ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر کي جمع ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ پي ٽي آءِ جو باني جيڪو به فيصلو ڪندو اهو قبول هوندو. هن چيو ته هي عهدو پارٽي جي امانت آهي، ۽ هن پارٽي قيادت جي هدايتن تي استعيفيٰ پيش ڪئي. ذريعن موجب جنيد اڪبر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ پي اي سي جي موقف تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ياد رهي ته پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جنيد اڪبر کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جي چيئرمين شپ تان استعيفيٰ ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے