
غزہ:(خميس 29 مئي 2025ع)حماس ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ممڪن جنگ بندي جي معاهدي جو مسودو سامهون آيو آهي.
عرب ميڊيا جي رپورٽن موجب، آمريڪا جي خاص سفير اسٽيو وٽڪوف 60 ڏينهن جي جنگ بندي جو مطالبو ڪيو آهي، ۽ حماس 10 زنده قيدي ۽ 18 لاش اسرائيل جي حوالي ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي.
آمريڪا، مصر ۽ قطر گڏيل طور تي غزه کي امداد جي فراهمي ۽ قيدين جي آزادي جي ضمانت ڏيندا.
رپورٽ موجب، ٽرمپ جي ضمانت تحت، اسرائيل جنگ بندي جي پاسداري جو واعدو ڪيو آهي. جنگ بندي جي مسودي ۾ غزه مان اسرائيلي فوجن جي واپسي شامل آهي.
اسرائيلي وزيراعظم نتنياهو مسودي تي صلاح مشوري لاءِ هڪ اجلاس طلب ڪيو آهي، نئون معاهدو ڊگهي مدت جي جنگ بندي جي ڳالهين لاءِ رستو هموار ڪري سگهي ٿو.
اهو ياد رکڻ گهرجي ته الجزيره ٽي وي جو چوڻ آهي ته جنگ بندي جي نئين آمريڪي تجويز ۾ 60 ڏينهن جي جنگ بندي شامل آهي.
نئين تجويز موجب، 10 زنده اسرائيلي شهري آزاد ڪيا ويندا ۽ 18 لاش واپس ڪيا ويندا. جنگ بندي معاهدي تحت، اسرائيل 1,100 کان وڌيڪ فلسطيني قيدين کي آزاد ڪندو.
اسرائيل غزه ۾ فوجين جو تعداد گهٽائيندو ۽ انساني امداد جي فراهمي وڌائيندو. تجويز موجب، اسرائيل غزه جي حڪومت جي ذميواري هڪ آزاد فلسطيني ڪميٽي کي منتقل ڪندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language