ماسڪو:(جمعو 30 مئي 2025ع)روس جرمني کي خبردار ڪيو آهي ته هو يوڪرين تي حملي لاءِ ميزائل فراهم ڪرڻ کان پاسو ڪري.
هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي جي مطابق، جرمني يوڪرين کي 1,000 ڪلوميٽر فاصلي تائين مار ڪندڙ ٽارسس ميزائل فراهم ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.
روس خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن يوڪرين جرمن ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائل ٽارسس استعمال ڪندو ته اهو جوابي ڪارروائي ڪندو، ۽ جيڪڏهن يوڪرين پاران جرمن ميزائل استعمال ڪيا ويندا ته جرمني به نشانو بڻجندو.
روسي پرڏيهي وزير واضح ڪيو آهي ته جنگ ۾ جرمني جي سڌي طرح شموليت هاڻي واضح ٿي چڪي آهي. جرمني هڪ ڀيرو ٻيهر تباهي جي رستي تي آهي.
روسي فوج چيو آهي ته جرمن ميزائلن جا ڊيٽا سسٽم مغربي سيٽلائيٽ سان ڳنڍيل آهن. يوڪريني پاڻ جرمن ميزائل هلائي نٿا سگهن، انهن کي مدد جي ضرورت پوندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language