بلند:(سومر 25 آگسٽ 2025ع)هندستاني رياست اتر پرديش ۾ هڪ ٽريڪٽر ٽرالي ۽ ٽرڪ جي وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر ۾ اٺ هندو زائرين مارجي ويا.
هندستاني ميڊيا موجب، حادثو اتر پرديش رياست جي شهر بلندشهر ۾ پيش آيو، جتي زائرين کي کڻي ويندڙ هڪ ٽريڪٽر ٽرالي کي پويان کان هڪ ٽرڪ ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ 8 ماڻهو مارجي ويا.
رپورٽ موجب، واقعي ۾ 12 ٻارن سميت 40 ماڻهو زخمي ٿيا آهن ۽ انهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪجهه زخمين جي حالت نازڪ آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ڪل 61 ماڻهو سوار هئا، جيڪا ڪاس گنج جي رفعت پور ڳوٺ کان جهارپير راجستان وڃي رهي هئي.
ياد رهي ته پنجاب جي هوشيارپور علائقي ۾ جالنڌر روڊ تي منڊيالا اسٽيشن جي ويجهو هڪ مسافر وين ۽ ايل پي جي ٽينڪر جي وچ ۾ ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ماڻهو مارجي ويا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language