welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جو ڪريڪ ڊائون، ڪيترائي ڪشميري گرفتار

سرينگر:(آچر 04 مئي 2025ع)والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج ڪريڪ ڊائون ڪيو آهي ۽ ڪيترن ئي ڪشميرين کي گرفتار ڪيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض ڀارتي فورسز سرينگر ۾ 12 کان وڌيڪ گهرن تي ڇاپا هنيا ۽ تلاشي ورتي ۽ پرامن ڪشميرين خلاف ڪاري قانون تحت ڪارروائي ڪئي. ڪي ايم ايس موجب، ڀارتي فورسز ڇاپن دوران ڪشميرين کي خوفزده ڪيو ۽ ڪشميرين جا اهم دستاويز، موبائل فون ۽ ٻيا آلات ضبط ڪيا. ڪشمير ميڊيا سروس جي رپورٽ موجب آل پارٽيز حريت ڪانفرنس قابض فوج جي ڇاپن ۽ ڦرلٽ جي مهم تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته گڏيل قومن والاريل وادي ۾ بگڙجندڙ صورتحال جو جائزو وٺي ۽ ڪشمير تڪرار حل ڪري.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے