دبئي:(آچر 04 مئي 2025ع)دبئي جي هڪ عدالت هڪ هندستاني ارب پتي واپاري کي مني لانڊرنگ جي الزام ۾ قيد جي سزا ٻڌائي آهي.
عرب ميڊيا موجب، ڀارتي واپاري بلويندر سنگهه تي مني لانڊرنگ لاءِ هڪ منظم گروپ ٺاهڻ ۽ منظم ڏوهن جي سرپرستي ڪرڻ جا سنگين الزام لڳايا ويا.
ميڊيا رپورٽن موجب، عدالت الزامن کي سچو قرار ڏنو ۽ واپاري بلويندر سنگهه کي 5 سال قيد، 500,000 درهم جرمانو ۽ ملڪ بدري جي سزا ٻڌائي.
ان کان علاوه، عدالت غير حاضر جوابدارن کي قيد، ڏنڊ ۽ ملڪ بدري جي سزا پڻ ٻڌائي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language