welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڀارت غير قانوني طور تي ڪشمير جي آبادي جي جوڙجڪ کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پیو: عاصم افتخار

نيويارڪ:(جمعو 23 مئي 2025ع)گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار جو چوڻ آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جا ماڻهو هندستان جي قبضي هيٺ منظم ظلم ۽ تشدد جو شڪار آهن، ۽ هٿياربند تڪرارن ۾ عام ماڻهن جي حفاظت لاءِ فوري عالمي ڪارروائي ضروري آهي. هٿياربند تڪرار ۾ عام ماڻهن جي تحفظ تي سلامتي ڪائونسل جي بحث کي خطاب ڪندي، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي، عاصم افتخار، چيو ته ڀارت غير قانوني طور تي ڪشمير جي آبادي جي جوڙجڪ کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. عاصم افتخار چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جا ماڻهو سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خود اراديت جي حق جو انتظار ڪري رهيا آهن. هٿياربند تڪرارن ۾ عام ماڻهن جي حفاظت لاءِ فوري عالمي ڪارروائي ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي تازي جنگ دوران، ڀارتي حملن ۾ 40 شهري شهيد ۽ 120 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. پاڪستان ذميواري جو مظاهرو ڪيو ۽ صرف فوجي تنصيبات کي نشانو بڻايو. ان کان علاوه، عاصم افتخار چيو ته سلامتي ڪائونسل کي غزه ۾ اسپتالن تي حملي جو فوري طور تي جواب ڏيڻ گهرجي، انساني حقن جي قانونن تي سختي سان عمل درآمد کي يقيني بڻائڻ گهرجي، ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ گڏيل قومن جي عملي کي تحفظ فراهم ڪرڻ گهرجي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے