welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ٽن مهينن جي مڪمل بندش کان پوءِ پنج امدادي ٽرڪون غزه ۾ داخل

غزہ:(سومر 19 مئي 2025ع)غزه ۾ تقريبن ٽن مهينن جي مڪمل ناڪابندي کان پوءِ امدادي ٽرڪون اڄ محاصري واري پٽي ۾ داخل ٿيون. عرب ميڊيا، اسرائيلي عملدارن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته ٻارن لاءِ کاڌو ۽ ٻيو امدادي سامان کڻي ويندڙ پنج امدادي ٽرڪون کرم ابو سليم ڪراسنگ ذريعي غزه ۾ داخل ٿيون آهن. گڏيل قومن غزه ۾ امدادي ٽرڪن جي داخلا کي هڪ مثبت پيش رفت قرار ڏيندي چيو آهي ته غزه ۾ جاري انساني بحران کي حل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ امداد جي ضرورت آهي. گذريل هفتي، فوڊ سيڪيورٽي ماهرن غزه ۾ قحط جي خطري کان خبردار ڪيو هو. ياد رهي ته 2 مارچ تي اسرائيل جنگ بندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي غزه ۾ کاڌي سميت هر قسم جي سامان جي داخلا کي روڪي ڇڏيو هو، جنهن جي ڪري اتي خوراڪ جو سخت بحران پيدا ٿيو هو. ڪالهه، اسرائيل سخت بين الاقوامي تنقيد کان پوءِ اعلان ڪيو ته هو قحط جي صورتحال کان بچڻ لاءِ غزه تائين بنيادي کاڌي جي ترسيل جي اجازت ڏيندو. اسرائيلي وزيراعظم جو چوڻ آهي ته اهو يقيني بڻايو ويندو ته امداد شدت پسندن جي هٿن ۾ نه وڃي، ۽ اسرائيل حماس کي امداد جي ورڇ تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ ڪارروائي ڪندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے